پيٽرول جي اگهه ۾ اضافو عوام دشمن فيصلو قرار

ڪراچي( اسٽاف رپورٽ) جماعت اسلامي سنڌ جي امير ۽ اڳوڻي ايم اين اي محمد حسين محنتي هڪ ڀيرو ٻيهر پيٽرول جي اگهه ۾ اضافي کي عوام دشمن فيصلو قرار ڏيندي چيو آهي ته عيد کان اڳ ۾ عوام کي رليف ڏيڻ بدران پيٽرول بمباري حڪمران اتحاد جي بي حسي آهي، عوام جي زندگين کي تنگ ڪرڻ بدران وي آءِ پي ڪلچر ۽ شاهي خرچ گهٽ ڪيا وڃن. هن اڄ هڪ بيان ۾ وڌيڪ چيو ته پي ڊي ايم پلس حڪومت آءِ ايم ايف جي اشارن تي ظالماڻين قدمن ذريعي عوام جو جيئڻ مشڪل بڻائي ڇڏيو آهي، ملڪ تي مسلط اشرافيه غربت کي ختم ڪرڻ بدران غريبن کي ختم ڪرڻ واري رستي تي گامزن آهي، شهباز حڪومت پيٽرول جي اگهه ۾ ڪيل تازو اضافو واپس وٺي، حڪومت هڪ ڀيرو ٻيهر آءِ ايم ايف جي غلامي اختيار ڪندي قومي ادارن جي نجڪاري، گيس، بجلي ۽ پيٽرول جي اگهن ۾ ڳاٽي ٽوڙ اضافو ڪري عوام جي چيلهه چٻي ڪري ڇڏي آهي. بجلي، گيس ۽ پيٽرول جي اگهن ۾ هر ٻي ڏينهن اضافو ڪري عوام جي قوت خريد ختم، روزاني استعمال واريون شيون عام ماڻهن جي پهچ کان ٻاهر ٿي چڪيون جنهن جي ڪري ماڻهو گڏيل طور آپگهات ڪري رهيا آهن، پي ڊي ايم پلس حڪومت عوام جو معاشي قتل عام ڪرڻ ۾ ڪابه ڪسر ناهي ڇڏي جنهن سان اشرافيه ۽ مقتدر قوتن جي عوام دشمن چهري تان نقاب لهي چڪو آهي، عوام آخر ڪيسيتائين سفاڪ ۽ ظالم حڪمرانن جي عياشين کي جاري رکڻ لاءِ قرباني ڏيندو رهندو. پيٽرول جي اگهه ۾ ذري گهٽ ڏهه روپين جي اضافي سان بيروزگاري ۽ بي امني کان متاثر عوام وڌيڪ متاثر ٿيندو، عوام اڳ ۾ ئي بيروزگاري، بُک بدحالي ۽ بي امني توڙي گيس ۽ بجلي اگهن ۾ اضافي جي ڪري پريشان هو هاڻي پيٽرول جي اگهه ۾ وڌيڪ اضافي جي خبر سندن مٿان بجلي بڻجي ڪري آهي. محمد حسين محنتي وڌيڪ چيو ته پيٽرول اگهن ۾ اضافي سان ٽرانسپورٽ سميت هر شيءِ جي اگهه ۾ اضافو ٿي وڃي ٿو جنهن سان عام ماڻهو سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿئي ٿو، جعلي مينڊيٽ سان مسلط ٿيندڙ حڪمرانن کان عوام جي ڀلائي جي ڪابه اُميد نٿي ڪري سگهجي، چونڊ مُهم دوران عوام کي 300 يونٽ مُفت بجلي، مهانگائي جي خاتمي جي دعويدار موجوده اتحادي حڪومت عوام کان عيد جون خوشيون به کسي ورتيون آهن ۽ عيد کان اڳ ۾ عوام مٿان پيٽرول بم ڪيرائي ڇڏيو آهي. هجڻ ته ائين گهرجي ها ته حڪمران پنهنجون مراعاتون گهٽائن ها، مُفت بجلي، پيٽرول، گيس ۽ سرڪاري گاڏين جي استعمال تي پابندي لڳڻ گهرجي ۽ عوام جا وسيلا عوام تي خرچ ٿيڻ گهرجن، پر تجربي مان ثابت ٿيو ته اقتداري ايوانن ۾ ويٺل جاگيردار، وڏيرا، صنعتڪارن کي عوام جي فلاح ۽ بهبود سان ڪوبه واسطو ڪونه آهي. جماعت اسلامي جي امير مطالبو ڪيو ته حڪومت عوام جي حالت زار تي رحم ڪري ۽ پيٽرول اگهه ۾ موجوده اضافو في الفور واپس ورتو وڃي.#

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو