پيٽرول 20 رپيا في ليٽر وڌيڪ مهانگو ٿيڻ جو امڪان

لاهور(ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۾ پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر واڌ جو امڪان آهي.عالمي مارڪيٽ ۾ پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ سبب پاڪستان ۾ به قيمتن ۾ واڌ جو امڪان آهي ۽ 15 آگسٽ کان پيٽرول جي قيمت ۾ 15 رپيا ۽ ڊيزل جي قيمت ۾ 20 رپيا مهانگي جو امڪان آهي.عالمي منڊي ۾ پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ واڌ سبب خام تيل جي قيمت 5 ڊالر في بيرل وڌي 86 ڊالر کان 91 ڊالر في بيرل ٿي وئي آهي ۽ خام تيل تي پريميئم چارجز ۾ 2 ڊالر في بيرل فرق آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو