ڪوئٽه (ويب ڊيسڪ)بلوچستان جي ضلعي پشين ۾ غير قانوني جلسو ڪرڻ تي تحريڪ انصاف جي ڪيترن ئي اڳواڻن خلاف بغاوت جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.شهريار آفريدي، شاندانه گلزار ۽ حليم عادل شيخ سميت پي ٽي آءِ اڳواڻن خلاف بغاوت جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.ان سلسلي ۾ بوستان ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.پشين جي بوستان ٿاڻي ۾ داخل ڪيس ۾ مختلف شقن جو اضافو ڪيو ويو آهي.ڪيس ۾ غيرقانوني گڏجاڻي، بغاوت، سرڪاري ملازمن تي تشدد، يرغمال بڻائڻ ۽ لائوڊ اسپيڪر ايڪٽ جي ڀڃڪڙي سميت ٻين دفعات شامل آهن.










