مانجهند (ن س)مانجهند ۾ پيئڻ جو پاڻي هڪ هفتي کان بند ٽائون انتظاميا خلق خدا جي اهنجن ۾ اضافو ڪري ڇڏيو تفصيل موجب مانجهند ۾ ٽائون انتظاميا جي نااهلي سبب رهواسي هڪ هفتي کان پيئڻ جي پاڻي بنيادي حق کان محروم ٿي ويا شديد گرمين ۾ شھري اڃ اجهائڻ لاء هڪ ڪلوميٽر مفاصلو طئي ڪري گڏھن گاڏن موٽر سائيڪلن ۽ مٿي تي پاڻي ڍوئڻ تي مجبور آھن جڏھن ت في ڊرم 300 سئو روپين ۾ وڪرو پڻ ٿيڻ لڳو جنهن سبب عورتن ٻارڙن سميت ڳوٺاڻا نٽھڻ اس ۾ شھري سخت پريشانين کي منهن ڏئي رهيا آھن ٽائون انتظاميا وٽ بجيٽ ۽ اختيار هئڻ باوجود شھر جي 10 هزار آبادي کي پاڻي لاء دربدر ڪري ڇڌيو هتان جي رهواسين گلزار ملاح محسن خاصخيلي اڪرم کوسو ۽ ٻين نااهل انتظاميا خلاف ڪاروائي جو مطالبو ڪيو آھي هوڏانهن چئرمين ٽائون ڪميٽي امتياز ميمڻ ٻڌايو ت سنڌو درياء ۾ چاڙھ سبب موٽر شفٽ ڪرڻ سبب پاڻي بند ٿيو آھي جيڪو جلد بحال ڪرائيندس










