’خبردار، پوليس گردي بند نه ٿي ته سنڌ ۾ باهه ٻري ويندي‘

’خبردار، پوليس گردي بند نه ٿي ته سنڌ ۾ باهه ٻري ويندي‘

ڪراچي(نمائندن وٽان) ڪينال مخالف ڌرڻن تي پوليس گردي جي مذمت ڪندي قومپرست ۽ وڪيل اڳواڻن خبردار ڪيو آهي ته سنڌ حڪومت پوليس ڪاروائي روڪي نه ته سڄي سنڌ ۾ ٻاهه لڳي ويندي ۽ ان جي ذميواري سنڌ حڪومت هوندي. اياز لطيف پليجو، صنعان خان قريشي، سرفراز ميتلو، عامر نواز وڙائچ ۽ سيد زين شاهه ڌار ڌار جاري ڪيل بيانن ۾ پوليس پاران ڪشمور، مورو، پڪا چانگ، حيدرآباد ۽ ملير ڪراچي ۾ پوليس جي پرامن ڌرڻن تي ويٺل ماڻهن تي تشدد ڪرڻ ۽ ڪيمپ پٽڻ جي اسين مذمت ڪريون ٿا. هنن چيو ته هي سنڌ جي جياپي ۽ وجود جي بقا جي جنگ آهي، جيڪڏهن پي پي وارن ڪينال رد ڪرايا آهن ته ان لکت ۾ فيصلو جاري ڪيو وڃي، پي پي جي ٺلهن ڪوڙن واعدن تي سنڌ جا ماڻهو مطمئن نه آهن. هنن چيو ته پرامن ڌرڻن ۾ شرڪ ماڻهن خلاف پوليس تشدد ڪري انهن کي اشتعال ڏياري تشدد لاءِ اڪسائي رهي آهي ۽ ان جا جيڪي به نتيجا نڪتا ان جي ذميوار سنڌ پوليس ۽ سنڌ حڪومت هوندا.

پهنجو تبصرو موڪليو