ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي گهرو وزير ضيا الحسن لنجار آئي جي سنڌ غلام نبي ميمڻ کي هدايت ڪئي ته سنڌ پوليس کي ايندڙ حڪم تائين هاءِ الرٽ ڪيو وڃي، صوبائي وزير پنهنجي جاري بيان ۾ چيوته رحيم يار خان ۾ دهشتگرد حملي ۾ پوليس اهلڪارن جي شهادت مذمت جوڳي ۽ افسوس ناڪ آهي ۽ آفسرن ۽ جوانن جا حوصلا ڪمزور نٿا ڪري سگهجن، الله شهيدن جا درجا بلند ڪري ۽ وارثن کي صبر جميل ڏئي، گهرو وزير آئي جي، ڊي آءِ جي سکر، ايس ايس پي گهوٽڪي کي هدايت ڏني ته پنجاب پوليس سان مستقل رابطا قائم رهن، ڌاڙين جي خلاف پنجاب پوليس سان جيترو ٿي سگهي تعاون ڪيو وڃي.










