پوليس وين حادثي جو شڪار،4 اهلڪار شهيد

پوليس وين حادثي جو شڪار،4 اهلڪار شهيد

ڪنڌڪوٽ (ن س) ڪنڌڪوٽ ۾ پوليس جي گاڏي کي ٽڪر ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ 4 پوليس اهلڪار شهيد ۽ 3 زخمي ٿي پيا.پوليس ذريعن موجب انڊس هاءِ وي تي مڇي بند وٽ گشت دوران پوليس جي گاڏي کي ٽائي راڊ ٽٽڻ سبب حادثو پيش آيو.ايس ايس پي ڪنڌڪوٽ موجب حادثي ۾ 4 پوليس اهلڪار شهيد ٿي ويا ۽ 3 زخمي ٿي پيا، جن کي علاج لاءِ سول اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.گهرو وزير سينيٽر محسن نقوي ڪنڌڪوٽ ويجهو ٽريفڪ حادثي ۾ 4 پوليس اهلڪارن جي شهادت تي افسوس جو اظهار ڪندي پوليس اهلڪارن جي وارثن سان دلي تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ زخمين جي جلد صحتيابي جي دعا ڪئي.

پهنجو تبصرو موڪليو