پهرين 4 مهينن ۾ پاڪستاني خوراڪ جي برآمدات ۾ اضافو

اسلام آباد(بيورو رپورٽ ) هلندڙ مالي سال جي پهرين 4 مهينن ۾ پاڪستان جي خوراڪ جي برآمدات ۾ اضافو ٿيو آهي.اداري جي شماريات موجب جولاءِ کان آڪٽوبر تائين خوراڪ جي برآمدات ۾ 30 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي، پهرين 4 مهينن ۾ هڪ ارب 94 ڪروڙ 70 لک ڊالرن جون کاڌي پيتي جون شيون برآمد ڪيون ويون.رپورٽ موجب چانورن جي ايڪسپورٽ 30 سيڪڙو جي واڌ سان 710 ملين ڊالر کان وڌي وئي، ميون جي برآمد 13.53 سيڪڙو جي واڌ سان 108.9 ملين ڊالرن جو حجم رهيو، جڏهن ته مصالحن جي برآمد 24.56 سيڪڙو واڌ سان 34.7 ملين ڊالر ٿي وئي.رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته آئل سيڊز ۽ ميون جي ايڪسپورٽ 292 سيڪڙو واڌ سان 306.8 ملين ڊالر ٿي وئي، جڏهن ته کنڊ جي برآمد ۾ 100 سيڪڙو اضافو ٿيو جنهن جو حجم 2.1 ملين ڊالر رڪارڊ ڪيو ويو.رپورٽ موجب گوشت جي برآمدات ۾ 18.77 سيڪڙو واڌ ٿي 152.5 ملين ڊالر، مڇي جي برآمد ۾ 8 سيڪڙو ۽ سبزي جي برآمد ۾ 38 سيڪڙو گهٽتائي آئي.رپورٽ ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته جولاءِ کان آڪٽوبر تائين پاڪستان مان تمباکو جي برآمد ۾ 21 سيڪڙو گهٽتائي آئي.

پهنجو تبصرو موڪليو