ڪچي ۾ پوليس پوسٽ تي ڌاڙيلن جو حملو، اهلڪار شهيد

ڪچي ۾ پوليس پوسٽ تي ڌاڙيلن جو حملو، اهلڪار شهيد

پنو عاقل)ويب ڊيسڪ) ڪچي ۾ پوليس چيڪ پوسٽ تي ڌاڙيلن جو حملو، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ پوليس اهلڪار شهيد ٿي ويو.سکر پوليس موجب پنوعاقل جي علائقي گدپور جي ڪچي ۾ امن امان لاءِ قائم پوليس چوڪي تي رات دير سان هٿياربندن جديد هٿيارن سان حملو ڪيو، جنهن دوران هڪ پوليس اهلڪار شهيد ٿي ويو، جڏهن ته جوابدار فرار ٿي ويا.اطلاع ملڻ تي پوليس جي وڏي نفري ڪچي ۾ پهتي، جڏهن ته جوابدار فرار ٿي ويا.حملي ۾ شهيد ٿيل پوليس اهلڪار جي سڃاڻپ اربيلو چاچڙ جي نالي سان ٿي آهي، جڏهن ته زخمي پوليس اهلڪار رضا محمد آهي، جنهن کي فوري طبي امداد لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو