پنوعاقل ڀرسان غيرت جي نالي تي مامن هٿان ڀاڻيجِي قتل

پنوعاقل (ن س) پنوعاقل ڀرسان غيرت جي نالي تي مامن هٿان ڀاڻيجِي قتل ٿي وئي، ڳوٺ نوراجا ۾ غيرت جي نالي تي مامن هٿان ڀاڻيجِي قتل ٿي وئي شاهد ۽ محمد علي سميجو پنهنجي پٽن سان گڏ قربان سميجو جي گهر ۾ گهڙي سندس ڌيءَ نائلا کي گوليون هڻي قتل ڪيو فائرنگ جي نتيجي ۾ مقتولا جو ڀاءُ اختر احمد سخت زخمي ٿي پيو، لاش ۽ زخمي کي تعلقي اسپتال منتقل ڪيو ويو زخمي نوجوان کي طبي امداد بعد ڳڻتي جوڳي حالت ۾ سکر اسپتال منتقل ڪيو ويو بائجي پوليس موجب ناري جو امان الله چاچڙ سان نڪاح ٿيل هو، جنهن تان سندس مامن کيس قتل ڪيو

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو