بُلا برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، هڪ قتل، ٻيو زخمي

بُلا برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، هڪ قتل، ٻيو زخمي

پنوعاقل (رپورٽر) پنوعاقل ڀرسان بلا برادري جي ٻن ڌرين ۾ ٻيلي جي زمين جي مالڪيءَ تان جھيڙو، ھڪ ڄڻو مارجي ويو، ھڪ زخمي، پنوعاقل جي دادلوءِ ٿاڻي جي حد ۾ بُلا برادري جي ٻن ڌرين ۾ جھيڙو ٿي پيو، جھيڙي دوران فائرنگ ۾ غلام شبير بلو مارجي ويو جڏھن ته يعقوب بلو زخمي ٿي پيو، مارجي ويل جي لاش ۽ زخمي کي علاج لاءِ تعلقي اسپتال پنوعاقل منتقل ڪيو ويو، جتي ضروري ڪارروائي بعد لاش کي وارثن حوالي ڪري زخمي کي روانو ڪيو ويو، واقعي بابت پوليس جو چوڻ ھو ته ڌرين ۾ پراڻو تڪرار ھلندڙ آھي ، خميس ڏھاڙي صبح جو گھوٽڪي سينٽرل جيل مان آزاد ٿيل موچارو بلو کي قتل ڪيو ويو ھو، جنھن جي پلاند ۾ ٻي ڌر فائرنگ ڪري ھڪ ڄڻي کي قتل ڪري ٻي کي زخمي ڪيو آھي.

پهنجو تبصرو موڪليو