لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي نگران صوبائي حڪومت ڪڻڪ جي امدادي قيمت 4 هزار روپيه في مڻ مقرر ڪري ڇڏي آهي.تفصيل موجب پنجاب جي نگران اطلاعات واري وزير عامر مير چيو آهي ته ڪڻڪ جي جاري ڪيل پاليسي جي منظوري ڏني وئي آهي جنهن موجب ڪڻڪ جي ريليز پرائس 4 هزار 700 روپيه مڻ هوندي.عامر مير چيو ته نگران پنجاب حڪومت هر قسم جي ڪوٽا تي پابندي لڳائڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ان کان علاوه ڪمند جي به امدادي قيمت 400 روپيه في مڻ مقرر ڪئي وئي آهي جڏهن ته ڪريشنگ سيزن جي شروعات 20 نومبر کان ٿيندي.ياد رهي ته گذريل مهيني آڪٽوبر ۾ سنڌ ڪابينه ڪڻڪ جي سپورٽ پرائس 4000 روپيه في مڻ مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني هئي.
