لاهور(ويب ڊيسڪ)ائونٽر ٽيررازم ڊپارٽمينٽ (سي ٽي ڊي) پنجاب جي مختلف شهرن ۾ ڪارروايون ڪندي 8 دهشتگردن کي گرفتار ڪري ورتو.سي ٽي ڊي پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته ڪارروايون لاهور، گجر الله، راولپنڊي ۽ ملتان ۾ ڪيون ويون.سي ٽي ڊي ترجمان موجب لاهور مان القاعده جي 2 اهم ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو ويو، دهشتگردن وٽان ڌماڪيدار مادو، دستي بم ۽ هٿيار پڻ هٿ ڪيا ويا.سي ٽي ڊي اختيارين موجب ٻين شهرن مان به 6 دهشتگردن کي حراست ۾ ورتو ويو، جن جي وڌيڪ ساٿين جي گرفتاري لاءِ پڇا ڳاڇا ڪئي پئي وڃي.










