لاهور: (ويب ڊيسڪ) پنجاب حڪومت سرڪاري کاتن ۾ ماحول دوست ٽرانسپورٽ کي فروغ ڏيڻ لاءِ هڪ وڏو فيصلو ڪيو آهي ۽ پيٽرول ۽ ڊيزل گاڏين جي خريداري تي مڪمل پابندي لڳائي ڇڏي آهي.پنجاب جي وڏي وزير مريم نواز شريف به ان جي باضابطه منظوري ڏئي ڇڏي آهي.پنجاب حڪومت موجب مستقبل ۾ صرف اليڪٽرڪ يا هائبرڊ گاڏيون خريد ڪري سگهجن ٿيون، فيلڊ ڊيوٽي تي گاڏيون پابندي کان مستثنيٰ آهن، نئين اليڪٽرڪ وهيڪل پاليسي 2026 جو اعلان جلد ڪيو ويندو.ٻئي طرف، پنجاب حڪومت 31 شهرن ۾ 170 نون پيٽرول پمپن لاءِ اين او سي جاري ڪيا آهن، اي-بز پورٽل ذريعي 170 نون پيٽرول پمپن لاءِ اين او سي جاري ڪيا ويا آهن.پنجاب حڪومت جو چوڻ آهي ته نون پيٽرول پمپن لاءِ اين او سي جي منظوري هاڻي اليڪٽرڪ چارجنگ يونٽن جي انسٽاليشن سان مشروط هوندي، ڪنهن به نئين پيٽرول پمپ کي اليڪٽرڪ چارجنگ يونٽ جي انسٽاليشن کان سواءِ هلائڻ جي اجازت نه هوندي.










