لاهور(ويب ڊيسڪ) پنجاب اسمبلي ٽوڙڻ بعد نگران وڏي وزير لاءِ مشاورت جو عمل جاري آهي. قائم مقام وڏي وزير پرويز الاهي پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان جي خواهش تي ٽي نالا گورنر کي موڪليا آهن. جڏهن ته مسلم ليگ (ن) به 3 نالا فائنل ڪيا آهن، پر هو اڃا سينئر اڳواڻن کان وڌيڪ نالا گهري رهيا آهن. پرويز الاهي جيڪي نالا ڏنا انهن ۾ احمد نواز سکيرا، نصير احمد خان ۽ ناصر محمود کوسو شامل آهن. مسلم ليگ (ن) جي تجويز ڪيل نالن ۾ سپريم ڪورٽ جو رٽائرڊ جج خليل الرحمان رمدي ۽ ناصر محمود کوسو جا نالا سندن لسٽ ۾ شامل آهن. اميد آهي ته ناصر محمود کوسو جي نالي تي اتفاق ٿي ويندو. ناصر محمود کوسو سپريم ڪورٽ جي رٽائرڊ چيف جسٽس آصف سعيد کوسو جيڪو ذوالفقار علي ڀٽو کي ڦاهي ڏيندڙ جسٽس (ر) نسيم حسن شاهه جو ناٺي آهي، ان جو ڀاءُ آهي. ناصر محمود نواز شريف جو پرنسپل سيڪريٽري به رهيو آهي ۽ پي پي جي اڳوڻي گورنر لطيف کوسي جو به ماروٽ پفاٽ آهي. پنجاب ۾ نگران وڏي وزير تي سڀاڻي 17 جنوري رات 10 وڳي تائين اتفاق ٿيڻ لازمي آهي، ٻئي صورت ۾ معاملو پارلياماني ڪميٽي ۾ ويندو ۽ جيڪڏهن اتي به اتفاق نه ٿيو ته اليڪشن ڪميشن فيصلو ڪندي.پي ٽي آءِ 2018 ۾ به هن جو نالو ان عهدي لاءِ ڏنو هو پر بعد ۾ واپس ورتو هو. ذريعن جو چوڻ آهي ته اصل ۾ اهو نالو آصف علي زرادري تجويز ڪيو آهي.










