پنجاب ۾ ملازمن جي اجرت 32 هزار رپيا ڪرڻ جي منظوري

ملتان (ويب ڊيسڪ)پنجاب جي نگران ڪابينا مزدورن جي گهٽ ۾ گهٽ اجرت 32 هزار رپيا ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.نگران وڏي وزير محسن نقوي فوري طور نوٽيفڪيشن جاري ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.ملتان ۾ ٿيل ڪابينا جي اجلاس ۾ 39 نقاطي ايجنڊا تي غور ڪيو ويو.ڪابينا اجلاس ۾ بزرگ شهرين، معذورن ۽ شاگردن کي ميٽرو بس ۽ اورنج لائن ٽرين ۾ مفت سهولت فراهم ڪرڻ جي به منظوري ڏني وئي.

پهنجو تبصرو موڪليو