پنجاب ۾ سياسي گرميون تيز، مستقبل جو نقشو ڇا هوندو؟

ليکڪ عبدالمجيد بروھي 

سنڌ ۾ گيس جو بحران جاري آهي، هفتي کان سي اين جي بند آهي، سنڌ 65 سيڪڙو ڪل ملڪي گيس جي پيداوار جو ڏئي ٿو ۽ آئين جي شق 158 موجب جنهن صوبي مان گيس پيدا ٿئي اڳ ۾ ان جي ضرورت پوريو ڪريو پر وفاقي حڪومت اهو مڃڻ لاءِ تيار ئي ناهي. بلوچستان ۾ ڀڃ ڊاهه عروج تي آهي، اپوزيشن جو احتجاج، وڏي وزير تي جوٽي سان حملو، اپوزيشن تي ڪيس داخل ڪرڻ سميت صوبي جو سياسي ماحول گرمآهي ۽ ٻڙڌڪ متل آهي. ساڳئي وقت پنجاب ۾ سياسي سرگرميون تيز ٿي وين آهن. لاھور ۾ پ پ پ ڪوچيئرمين ۽ اڳوڻو صدر پاڪستان مفاھمت ۽ سياسي جوڙ توڙ جو ماھر آصف علي زرداري خيما کوڙي ويٺل آھي پنجاب خاص ڪري سائوٿ پنجاب جي اھم شخصيتن سان ملاقاتن جو سلسلو تيز ٿي ويو آھي. پرويز الاهي جي ساڻس ملاقات کانپوءِ مختلف خبرون هلي رهيون آهن ته مستقبل ۾ پي پي ۽ ق ليگ اتحادي بڻجي پنجاب مان چونڊ وڙهن يا چونڊ نتيجن بعد گڏيل اتحاد ٺاهي نون ليگ جو رستو روڪين ۽ پنهنجي لاءِ ماحول جوڙين.  ان سلسلي ۾ ٻڌڻ ۾ اھو پڻ اچي پيو تـ پاڪستان پيپلزپارٽي کان ناراض ٿي پي ٽي آءِ جوائن ڪندڙ جيڪو ھن وقت ايم اين اي پڻ آھي جنھن جو اباڻو گھر فيصل آباد ۾ آھي ان کي قيادت پاران راضي ڪيو ويو آھي تـ ھو پنھنجي گھر واپس اچي واضع ڪندو ھلان تـ اھو ايم اين اي ھن وقت جھانگير گروپ جو حصو آھي ۽ جھانگير ترين گيوپ کي ليڊ پڻ ڪري رھيو جھانگير ترين گروپ جا 21 کان مٿي پارليامينٽ ميمبر ھن وقت پ پ پ سان راضي آھن جيڪي پڻ تمام جلد بلاول ھائوس لاھور ۾ ڪو چيئرمين آصف علي زرداري سان ملڻ وارا آھن جن سان ڳالھيون پڻ ھلندڙ آھن انھن جو موقف صرف اھو آھي تـ اسان جو لڳاء پ پ پ سان آھي پر ھن وقت اسين جھانگير ترين سان گڏ آھيون ان کي راضي ڪيو اسان سڀ پ پ پ ۾ شامل ٿي وينداسين جنھن بعد جھانگير ترين جي ويجھي عزيز مخدوم احمد محمود سان مرد مجاھد آصف علي زردراي ان جي رھائشگاھ تي وڃي ساڻس ملاقات ڪري چڪو آھي جنھن اھا ذميداري کنئين آھي تـ ھو جھانگير ترين کي راضي ڪري وٺندو ان سان گڏ فيلصل آباد جي ان اھم شخصيت پڻ جھانگير ترين جي ذميداري کنئين آھي جھانگير ترين گروپ جا 6 ايم اين ايز ۽ پندرنھن پنجاب اسيمبلي جا ميمبر آھن جن پ پ پ ۾ شموليٿ لاء راضپو ڏيکاريو آھي جھانگير ترين جيڪڏنھن پ پ پ ۾ شامل ٿي ويو تـ پوء سائوٿ  پنجاب ۾ نوي فيصد سيٽون ايندڙ ا ليڪشن ۾ پ پ پ سيٽون کٽي سگھي ٿي ھاڻي ڳالھ ان ملاقات جي ڪريون ٿا جنھن ھن وقت پوري پي ٽي آء قيادت کي پريشان ڪري ڇڏيو آھي پنجاب جي اسپيڪر ۽ ق ليگ جي صدر چوڌري پرويز الاھي پاران بلاول ھائوس لاھور پھچي سياست جي بادشاھ ۽ مفاھمت جي بادشاھ آصف علي زراداري سان خصوصي ملاقات ڪري سياسي گرما گرمي ۾ وڌيڪ تيزي آندي آھي ھن ملاقات ۾ آصف علي زرداري ۽ چوڌري پرويز الاھي ۾ـوـ ٽو ون ملاقات پڻ ٿي آھي جٿي سياسي حالتن سميت ھڪ ٻئي سان مڪمل سھڪار جي يقين دھاني پڻ ڪرائي وئي آھي ھوڏانھن اڳوڻي پنجاب جي وزيراعليٰ ۽ اڳوڻي گورنر منظور وٽو پڻ پنھنجي ساٿين سميت آصف علي زراداري سان ملاقات ڪري پ پ پ ۾ شامل ٿيڻ وارو آھي ان کان اڳ بلاول ھائوس لاھور ۾ پنجاب جي اھم سياسي گھراڻي سرادار ذوالفقارکوسا پڻ پ پ پ قيادت سان ملاقات ڪري چڪو آھي جيڪو پڻ پ پ پ ۾ شامل ٿي ويندو جڏنھن تـ پ پ پ جي پراڻن ناراض جيالن اڳوڻي صدر پنجاب قاسم ضياء پاران پڻ بلاول ھائوس لاھور پھچي پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو سان ملاقات ڪري چڪو آھي جنھن کي پنجاب ۾ اھم ذميداري ملڻ جا امڪان آھن ھن وقت آصف علي زراداري لاھور ۾ تمام سرگرم آھي ھڪ ٻن ڏينھن ۾ اھم سياسي خاندان پي ٽي آء کي الوداع ڪري پ پ پ ۾ شموليت اختيار ڪري سگھن ٿا 

ھوڏانھن بلوچستان ۾ پڻ سياسي ماحول گرم آھي پي ٽي آء بلوچستان جي صدر سردار يارمحمد رند پاران وزارت تان استعيفا ڏئي ڄام ڪمال حڪومت کي الوداع ڪري چڪو آھي ان کان اڳ اھم سياسي خاندان بلوچستان جي سياست جي بيتاج بادشاھ سردار محمد صالح ڀوتاڻي پڻ ڄام حڪومت کان ڌار ٿي چڪو آھي ان کان علاوا ڄام ڪمال جي پنھنجي پارٽي سان تعلق رکندڙ بلوچستان اسيمبلي جي موجودا اسپيڪر۽ اڳوڻي وڏي وزير مير قدوس بزنجو پڻ ڄام ڪمال حڪومت کان ڌار ٿيڻ جو فيصلو ڪري چڪو آھي، تعليم جي وزير يار محمد رند به استعيفيٰ ڏني آهي. ان سڄي صورتحال کي ڏسي اسين يقين سان چئي سگھون ٿا تـ ايندڙ ڪجھ ڏينھن ۾ آصف علي زرادري بلوچستان ياترا تي پڻ وڃي سگھي ٿو جتي بلوچستان جي وڏي سياسي گھراڻي سان تعلق رکندڙ نواب آف جھالاوان نوب سردار ثناء الله خان زھري پنھنجي ساٿين سميت پ پ پ ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان ڪري پ پ پ ۾ شامل ٿي ويندو ان کان علاوا باپ پارٽي جي عبدالقدوس بزنجو تي ھو اڳ بـ مھربان رھي چڪو آھي جيڪو اليڪشن کان اڳ پ پ پ  ۾ شامل ٿيڻ لاء پڻ راضي ھيو پر ڪجھ ڳجھين قوتن جي ڪري ھو باپ پارٽي ۾ شامل ٿي ويو ھيو  ان کان علاوا ڳالھ ڪريون سردار محمد صالح ڀوتاڻي جي تـ آصف علي زرادري ۽ سردار محمد صالح ڀوتاڻي پاڻ ۾ ويجھا دوست پڻ آھن جيڪو پڻ بلوچستان حڪومت کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ۾ آھي ھو پڻ بلوچستان ۾ سياسي تبديلي جو خواھش رکي ٿو ھاڻي پنجاب بعد بلوچستان ۾ بـ پ پ پ وڏي مضبوطي سان انٽري ڪري بلوچستان ۾ مضبوط ٿي ويندي 

Brohimajeed123@gmail.com

پهنجو تبصرو موڪليو