پنجاب سنڌ طاس معاهدي جي ڀڃڪڙي ڪندي سنڌ دشمن منصوبا جوڙيا

پنجاب سنڌ طاس معاهدي جي ڀڃڪڙي ڪندي سنڌ دشمن منصوبا جوڙيا

حيدرآباد: (بيورو رپورٽ) جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين رياض چانڊيو حيدرآباد پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته پنجاب سنڌ طاس معاهدي جي ڀڃڪڙي ڪندي تربيلا، منگلا ۽ چشما جهلم لنڪ ڪئنال جهڙا سنڌ دشمن ۽ ماحولياتي تباهي جا منصوبا جوڙيا آهن جنهن سان سنڌ ۾ وڏي تباهي آئي آهي. ڏاکڻين سنڌ جا چار ضلعا ٺٽو، سجاول، بدين ۽ ٽنڊومحمدخان معاشي طور تي تباهه برباد ٿي ويا آهن. پاڻي تي ايڏو وڏو ڌاڙو لڳڻ جي باوجود حڪمرانن جا پاڻي تي قبضا بند نه ٿيا وري هڪ ڀيرو ٻيهر هن فيڊريشن اندر نواز دور ۾ 91 جو پاڻي ٺاهه ٿيو ان ۾ به سنڌ سان ناانصافي ڪئي وئي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو