لاهور (ويب ڊيسڪ)پنجاب جي 10 اسموگ متاثر ضلعن ۾ اڄ سمارٽ لاڪ ڊائون لاڳو ڪيو ويو.لاهور، فيصل آباد، گوجرانوالا، ملتان، ساهيوال ۽ سرگوڌا ڊويزنن ۾ لاڪ ڊائون هوندو. انهن شهرن ۾ آمد و رفت محدود هوندي. مارڪيٽون شام 4 وڳي کان پوءِ کوليون وينديون، ميڊيڪل اسٽور، پيٽرول پمپ، بيڪري، گراسري اسٽور، يوٽيلٽي اسٽور، ڪال سينٽر ۽ آئي ٽي سينٽرز تي پابندي لاڳو نه ٿيندي. لاهور مال روڊ اڄ هر قسم جي ٽريفڪ لاءِ بند هوندو، مال روڊ تي رڳو سائيڪل سوارن ۽ پيادلن کي وڃڻ جي اجازت هوندي.










