پنجاب اسيمبلي جي وفد جي آمد،اسپيڪر ۽ ڊپٽي پاران آجيان

پنجاب اسيمبلي جي وفد جي آمد،اسپيڪر ۽ ڊپٽي پاران آجيان

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر سيد اويس قادر شاهه ۽ ڊپٽي اسپيڪر انٿوني نويد پاران پنجاب اسيمبلي جي وفد جو ڀليڪار ڪيو ويو، وفد سنڌ اسيمبلي جي ترقي پسند قانون سازي، خاص طور تي “چائلڊ ميـرج ريسٽرينٽ ايڪٽ 2013” بابت سکيا لاءِ ڪراچي آيو هو۔ پنجاب اسيمبلي جي ميمبر ۽ پبلڪ اڪائونٽس ڪاميٽي جي چيئرمين سيد علي حيدر گيلاني جي اڳواڻي ۾ وفد سنڌ اسيمبلي جو دورو ڪيو ۽ کين قانون سازي، ڪاميٽي نظام ۽ عملي لاڳو ٿيندڙ عملن بابت بريفنگ ڏني وئي۔ اسپيڪر سيد اويس قادر شاهه چيو ته سنڌ اسيمبلي ملڪ ۾ سڀ کان پهرين 18 ورهين جي عمر کان گهٽ شادي تي پابندي وارو قانون پاس ڪيو، جيڪو ٻارن جي حقن جي تحفظ ۽ عورتن جي بااختياري ڏانهن هڪ انقلابي قدم هو۔ ڊپٽي اسپيڪر اينٿوني نويد چيو ته سنڌ اسيمبلي، اقوام متحده جي آبادياتي فنڊ (UNFPA) جي سهڪار سان ٻارن جي حقن، عورتن جي ترقي ۽ نوجوانن جي بااختياري لاءِ ڪيترائي عملي قدم کنيا آهن۔ پنجاب اسيمبلي جي چيـف وِپ رانا محمد ارشد چيو ته “اسان سنڌ اسيمبلي جي قانون سازيءَ کي ساراهيون ٿا۔ پنجاب ۾ وزيراعلى هدايت ڪئي آهي ته هر شادي لاءِ قومي سڃاڻپ ڪارڊ لازمي قرار ڏنو وڃي۔ وفد ۾ سيد علي حيدر گيلاني، احمر ڀٽي، ذوالفقار علي شاهه، سردار محمد اويس دریشڪ، شهباز احمد، عشرت اشرف ۽ ساره احمد شامل هئا، جڏهن ته پنجاب پارلياماني ڊولپمينٽ يونٽ (PDU) مان عطاالله اويس انجم، آصفه خان، قرۃالعين احسن ڀون، اسماء ناصر، سلطان داود ۽ اسامه خاور غمن پڻ موجود هئا۔ جڏهن تہ (UNFPA) جي نمائندگي ڊاڪٽر گلنارا (ڊپٽي ريپريزنٽيٽيو) ڪئي، جن سان گڏ گولڊن موليلو، تانيا دراني، رينوڪا سوامي، مومنہ اسد ۽ سرتاج عباسي پڻ موجود هئا۔ عورتن جي ترقي واري صوبائي کاتي جي وزير شاهينه شير علي ۽ سندھ وومين ڪميشن جي چيئرپرسن روبينه بروهي سان پالیسي فريم ورڪ، عمل درآمد ۽ آگاهي مهم بابت ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي۔ ان موقعي تي اسپيڪر سيد اويس قادر شاھ سان گڏ ميمبر صوبائي اسيمبلي تنزيلا امِ حبيبه، هير سوهو، خيرالنساء مغل، ڪرن مسعود، فرح سهيل، ڊاڪٽر سڪندر شورو ۽ آصف موسيٰ پڻ موجود هئا، سڪريٽري سنڌ اسيمبلي جي. ايم عمر فاروق ۽ ڊائريڪٽر جنرل سنڌ اسيمبلي عرفان احمد ميمن پڻ موجود هئا۔ اسپيڪر سيد اويس قادر شاهه پاران پنجاب اسيمبلي ۽ يو اين ايف پي اي جي وفد کي سندهي ٽوپي ۽ اجرڪ پيش ڪيا ويا، جڏهن ته ڊاڪٽر گلنارا پاران اسپيڪر سيد اويس قادر شاھ ۽ ڊپٽي اسپيڪر کي سوينيئر پيش ڪئي وئي جڏهن تہ پنجاب اسيمبليءَ مان آيل وفد پڻ اسپيکر سيد اويس قادر شاھ کي يادگاري شيلڊ پيش ڪئي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو