لاهور(ويب ڊيسڪ) پنجاب اسمبلي ازخود ٽٽي وئي، پنجاب ڪابينا به ختم ٿي وئي پر گورنر بليغ الرحمان وڏي وزير پرويز الاهي کي نگران وڏي وزير جي مقرري تائين ڪم جاري رکڻ جي هدايت ڪئي آهي. گورنر، پنجاب جي وڏي وزير پرويز الاهي ۽ اپوزيشن ليڊر حمزه شهباز کي خط لکي نگران وڏي وزير لاءِ ٽي ٽي نالا گهريا آهن. جيڪڏهن ٻنهي وچ ۾ ڪنهن نالي تي اتفاق نه ٿيو ته آئين موجب پارلياماني ڪميٽي جوڙي ان کي نالا موڪليا ويندا. جيڪڏهن انهن ۾ به اتفاق نه ٿيو ته معاملو اليڪشن ڪميشن کي موڪليو ويندو. گورنر چيو ته هن اسمبلي ٽوڙڻ بابت موڪليل سمري تي صحيح ناهي ڪئي، ڇو ته هو سمجهي پيو ته اهو غير جمهوري عمل آهي. آئين ۾ ڏنل طريقي موجب 48 ڪلاڪن بعد خود بخود اسمبلي ٽٽي وئي آهي، پنجاب ڪابينا ختم ٿي وئي آهي.










