پلاٽ تان تڪرار،ٻن ڌرين ۾ جهيڙو،18 ڄڻا سخت زخمي

ٺٽو (ن س)ٻگھاڻ شهر ۾ تڪراري پلاٽ تان پيروزاڻي ۽ خاصخيلي برادري ۾ جھيڙو – فائرنگ ۽ ڪھاڙيون لڳڻ سبب عورتن سميت 18 ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا زخمين ۾ اشرف خاصخيلي، علي ، مجيد ، ابراهيم ، الھڏنو ، ۽ مسمات مريم ۽ ٻيا شامل آهن زخمين کي ٻگھاڻ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، جڏھن تـ تڪرار تيز ٿيڻ سبب ٻئي ڌريون مورچا بند ٿي ويون آهن، جنھن جي ڪري وڌيڪ خونريزي ٿيڻ جو خدشو وڌي ويو آهي ٻئي طرف واقعي واري هنڌ گذريل ڪيترن ئي سالن کان مقرر ڊي ايس پي ڳاڙهو غلام سرور وسطڙو ايس ايڇ او ڪيٽي بندر ائٽ ٻگھاڻ عبدالحيمد رودناڻي جي اڳواڻي ۾ پوليس جي وڏي نفري پهچي وئي آهي، تڪراري پلاٽ جي حوالي سان پيروزاڻي برادري جو چوڻ آهي ته هي پلاٽ اسان جي ملڪيت آهي جيڪو عارفاڻين جي حوالي ٿيل هو عارفاڻي شادي تي ويا تہ پٺيان خاصخيلي برادري زوري قبضو ڪري ورتو ھوڏانھن خاصخيلي برادري جو موقف آهي ته هي پلاٽ اسان جو ابن ڏاڏن کان اسان جي ملڪيت آهي جنهن تي اسان جا گهر قائم ٿيل آهن جنهن تي پيروزاڻي برادري زوري قبضي جي ڪوشش ڪري رهي آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو