پشاور ۾ ڌماڪو، فرنٽيئر ڪور جي گاڏي نشانو

پشاور (ويب ڊيسڪ)پشاور جي ورسڪ روڊ تي ڌماڪو ٿيو آهي، جنهن جو آواز پري پري تائين ٻڌو ويو آهي.پشاور پوليس جو چوڻ آهي ته ڌماڪي ۾ سڪيورٽي فورسز جي گاڏي کي نشانو بڻايو ويو آهي.ڌماڪي کان پوءِ فوري طور تي قانون لاڳو ڪندڙ اهلڪارن علائقي کي گهيري ۾ آڻي ڇڏيو آهي.ايس پي ورسڪ ارشد خان موجب ڌماڪو ورسڪ روڊ تي فرنٽيئر ڪور جي گاڏي تي ٿيو.هن شڪ ظاهر ڪيو ته ڌماڪو آپگهاتي هو، بي ڊي يو ۽ سي ٽي ڊي جون ٽيمون واقعي واري هنڌ پهچي ويون آهن.ريسڪيو ترجمان موجب ڌماڪي ۾ 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو