پشاور ۾ مهانگائي خلاف احتجاج ڪندڙن تي ڪيس داخل

پشاور ۾ مهانگائي خلاف احتجاج ڪندڙن تي ڪيس داخل

پشاور: (ويب ڊيسڪ) جماعت اسلامي پاران بجلي جي بلن جي قيمن ۾ اضافي خلاف احتجاج ڪرڻ تي پشاور ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.بجلي جي ڳرن بلن خلاف پشاور ۾ احتجاج دوران زبردستي دوڪان بند ڪرائڻ تي جماعت اسلامي جي اڳواڻن مٿان ڪيس داخل ڪيو ويو.ايف آءِ آر جي متن موجب جماعت اسلامي جي اڳواڻن روڊ کي ٽريفڪ جي لاءِ بند ڪري شهرين کي چڙ ڏياري. ايف آءِ آر جي متن ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته مظاهرين دوڪانن کي باهه لڳائڻ ۽ بي آر ٽي کي نقصان پهچائڻ جي به ڪوشش ڪئي وئي.ايف آءِ آر ۾ جماعت اسلامي جي اڳواڻن بحرالله ايڊووڪيٽ، خالد گل، ظاهر شاهه، طاهر زرين، حاجي قدير ۽ ٻين کي نامزد ڪيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو