پرڏيهين جي واپسي جاري، اڍائي لک افغاني واپس روانا

لاهور: (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۾ غيرقانوني طور تي رهندڙ پرڏيهين جي واپسي جو سلسلو جاري آهي. هينئر تائين تقريبن اڍائي لک افغان پناهگير پاڪستان کان پنهنجي ملڪ طرف واپس روانا ٿي ويا آهن.اختيارين موجب صرف گذريل ڏينهن 593 خاندانن جا 3 هزار 250 ماڻهن کي پنهنجي ملڪ طرف واپس روانو ڪيو ويو آهي. افغانستان روانو ٿيندڙ 3 هزار 250 غيرقانوني افغان پناهگيرن ۾ 957 مرد، 795 عورتون ۽ 1498 ٻار شامل هئا.اختيارين جو چوڻ هو ته گذريل ڏينهن 593 خاندانن جي پنهنجي ملڪ واپس روانگي لاءِ 212 گاڏين استعمال هيٺ آنديون ويون. هينئر تائين 2 لک 49 هزار کان وڌيڪ افغانين جي پنهنجي ملڪ واپسي ٿي چڪي آهي.اختيارين موجب غيرقانوني پرڏيهين جي پنهنجي ملڪ واپسي سان پاڪستاني معيشت تي بهتر اثر پئجي رهيا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو