پريمئم نمبر پليٽس لڳائڻ بابت لاڳاپيل گاڏين جو رجسٽرڊ ھجڻ لازمي ھوندو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي سينئر وزير ۽ اطلاعات، ايڪسائز، ٽيڪسيشن، نارڪوٽڪس ڪنٽرول، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ جي صدارت ھيٺ ايڪسائز ، ٽيڪسيشن ۽ نارڪوٽڪس ڪنٽرول واري کاتي جو اھم اجلاس ڪراچي ۾ ڊائريڪٽوريٽ آف ايڪسائز اينڊ ٽيڪسيشن ۾ ٿيو. اجلاس ۾ پريميئم نمبر پليٽس جي ٻين نيلامي شروع ڪرڻ ۽ پريمئم نمبر پليٽس جاري ڪرڻ لاءِ الڳ آفيس قائم ڪرڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اجلاس ۾ گاڏين جي مالڪن جي نالن جي شروعاتي لفظن سان بھ پريمئم نمبر پليٽس جاري ڪرڻ ۽ پسند جي نمبر پليٽس جي فيس ۾ واڌ بابت تجويزون ترتيب ڏيڻ جو بھ فيصلو ڪيو ويو. اجلاس ۾ سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ ھدايتون جاري ڪيون تھ شھرين جي سھولت لاءِ پھرين نيلامي ۾ جاري ڪيل پريمئم نمبر پليٽس جون سموريون قانون گھرجون جلد کان جلد پوريون ڪيون وڃن. ھن چيو تھ پريمئم نمبر پليٽس لڳائڻ بابت لاڳاپيل گاڏين جو رجسٽرڊ ھجڻ لازمي ھوندو، پريمئم نمبر پليٽس رڳو اُنھن گاڏين تي ئي لڳائي سگھبيون جيڪي رجسٽرڊ ھونديون. اجلاس ۾ سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ غير رجسٽرڊ گاڏين خلاف جاري مھم، ايڪسائز کاتي جي چيڪ پوسٽن جي تعميراتي ڪم بابت بھ تفصيلي معلومات ورتي ۽ نارڪوٽڪس ڪنٽرول ونگ جي اھلڪارن لاءِ وڌيڪ يونيفارمس جي تياري بابت بھ ھدايتون جاري ڪيون. اجلاس ۾ منشيات فروشي ۾ ملوث سرڪاري ملازمن خلاف ڪارروائي لاءِ چيف سيڪريٽري سان لکپڙھھ جو بھ فيصلو ڪيو ويو. اجلاس ۾ ڳالھائيندي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو تھ منشيات خلاف ڪاررواين کي وڌيڪ اثرائتو بڻائڻ لاءِ سمورا وسيلا ڪتب آندا وڃن، نئي نسل کي منشيات فروشن جي رحم ۽ ڪرم تي نھ ٿو ڇڏي سگھجي، منشيات فروشن خلاف سخت کان سخت ڪارروايون ڪيون وڃن. ھن چيو تھ منشيات فروشن خلاف ڪيسن جي مضبوط پيروي کي يقيني بڻايو وڃي تھ جيئن منشيات فروش سندن منطقي انجام تائين پھچائي سگھجي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو