لاهور (ويب ڊيسڪ)وفاقي جاچ اداري (ايف آءِ اي) پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير چوڌري پرويز الاهي، مونس الاهي ۽ ٻين خلاف ڪيس داخل ڪري ورتو آهي.ايف آءِ اي پاران ڪيس ۾ ڪرپشن ۽ مني لانڊرنگ جا الزام لڳايا ويا آهن.ايف آءِ آر جي متن موجب مونس الاهي ۽ پرويز الاهي خلاف فراڊ، مني لانڊرنگ ۽ ڪرپشن جي الزامن تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.مونس الاهي 2004ع کان 2023ع تائين فرنٽ مين جبران خان ذريعي ڪرپشن ڪئي.ڪيس جي متن ۾ چيو ويو آهي ته مونس الاهي پنهنجي والد چوڌري پرويز الاهي جي مدد سان ڪرپشن ۽ مني لانڊرنگ ڪئي.ڪيس ۾ اهو به چيو ويو آهي ته مونس الاهي ڪرپشن ۽ رشوت ذريعي حاصل ڪيل رقم مني لانڊرنگ ڪئي، هن مني لانڊرنگ جي رقم مختلف آف شور ۽ ٻين جعلي ڪمپنين ذريعي پرڏيهه منتقل ڪئي.
