پرويز الاهي جي گهرڀاتين سان اڊيالا جيل ۾ ملاقات

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ)راولپنڊي جي اڊيالا جيل ۾ پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير چوڌري پرويز الاهي جي گهرڀاتين سان ملاقات ڪئي آهي.جيل اختيارين موجب گهرواري پرويز الاهي سان ڪانفرنس روم ۾ ملاقات ڪئي.ان حوالي سان جيل اختيارين جو چوڻ آهي ته ملاقات ڪندڙن ۾ سندس زال قيصره الاهي، پٽ راسخ الاهي ۽ ڀائيٽي بسمه الاهي شامل آهن.جيل اختيارين موجب گهرڀاتين پرويز الاهي سان ملاقات کانپوءِ روانو ٿي ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو