ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) وڏي وزير سنڌ سيد مراد علي شاهه ڪراچي ۾ پاڻي جي شديد کوٽ جو سخت نوٽيس وٺندي ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج ڪارپوريشن کي شهر ۾ پاڻي جي فراهمي فوري طور بحال ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي، وڏي وزير لاڳاپيل اختيارين کان پاڻي جي بندش جي سببن بابت تفصيلي رپورٽ پڻ طلب ڪري ورتي آهي. هن هدايت ڪئي ته لائينن جي مرمت ۽ بحالي جو ڪم بغير ڪنهن رڪاوٽ جي جاري رکيو وڃي ۽ عوام کي ان اڳڀرائي کان مسلسل آگاهه ڪيو وڃي. سيد مراد علي شاهه ان ڳالهه تي به زور ڏنو ته مستقبل ۾ اهڙن واقعن کي روڪڻ لاءِ پهريان کان ئي اثرائتيون احتياطي تدبيرون اختيار ڪيون وڃن. واٽر بورڊ جي سي اي او احمد علي صديقي بريفنگ ۾ ٻڌايو ته ڪي اليڪٽرڪ جي پاور جرڪ (بجلي جي جهٽڪي) جي ڪري ڌاٻيجي پمپنگ اسٽيشن تي 72 انچ قطر واري لائين نمبر 5 ڦاٽي پئي آهي. بجلي جي ان تعطل سبب 20 ۽ 21 مئي جي وچ واري رات پمپنگ اسٽيشن جا ٻه پمپ اوچتو بند ٿي ويا، جنهن ڪري پريشر ۾ لاهه چاڙهه پيدا ٿي ۽ لائين ٽن هنڌن تان متاثر ٿي. ان کان علاوه، بي آر ٽي منصوبي تي جاري ڪم جي ڪري ايف ٽي ايم لائين مان به پاڻي جي جزوي فراهمي معطل رهي، جنهن جي نتيجي ۾ شهر کي روزاني تقريبن 48 ملين گيلن پاڻي جي کوٽ جو سامھون ڪرڻو پيو. سي اي او واٽر بورڊ احمد علي صديقي موجب ٻئي تڪنيڪي مسئلا ڪاميابي سان حل ڪيا ويا آهن ۽ متاثر ٿيل لائينن کي اڄ رات تائين ري چارج ڪيو ويندو. هن واضح ڪيو ته شهر ۾ پاڻي جي فراهمي مڪمل طور تي معمول تي اچڻ ۾ وڌيڪ تقريبن 17 ڪلاڪن جو وقت لڳي سگهي ٿو. ان صورتحال کي نظر ۾ رکندي واٽر بورڊ انتظاميا ڪراچي جي شهرين کي اپيل ڪئي آهي ته هو پاڻي جي مڪمل بحالي تائين ان کي انتهائي احتياط ۽ ڪفايت شعاري سان استعمال ڪن.










