پاڻي جي لائينن جي مرمت جو ڪم مڪمل،بجلي بحال

ڪراچي( پ ر ) ترجمان واٽر ڪارپوريشن موجب شهر جي مختلف علائقن ۾ پاڻي جي لائينن جي مرمت جو ڪم مڪمل ٿيڻ ۽ حب پمپنگ اسٽيشن تي بجلي بحال ٿيڻ بعد شهر ۾ پاڻي جي فراهمي معمول جي مطابق شروع ڪئي ويئي آهي ترجمان ٻڌايو تہ ڌاٻيجي پمپنگ اسٽيشن تي متاثر 72 انچ قطر ايم ايس جي لائين نمبر پنج ۽ شاهراھ پاڪستان لالو کيت پوسٽ آفيس تي پاڻي جي لائين جي مرمت جو ڪم مڪمل ڪيو ويو آهي ان کان علاوه حب پمپنگ اسٽيشن تي 34 ڪلاڪن کانپوءِ بجلي بحال ٿي وئي آهي اختيارين موجب واٽر ڪارپوريشن ۽ ڪي اليڪٽرڪ عملدارن جي سڄي رات گڏيل ڪوششن کانپوءِ بجلي جي فراهمي مڪمل طور تي بحال ٿي وئي آهي جنهن بعد شهر کي حب پمپنگ اسٽيشن ۽ لائينن تان پاڻي جي فراهمي معمول موجب شروع ڪئي وئي آهي واضح رهي تہ گذريل ڏينهن ڌاٻيجي پمپنگ اسٽيشن تي بجلي جي اوچتي بريڪ ڊائون سبب 72 انچ قطر ايم ايس جي لائين نمبر پنج ۽ شاهراھ پاڪستان لالو کيت پوسٽ آفيس تي ترقياتي ڪم دوران پاڻي جي لائين متاثر ٿي ويئي ھئي ۽ ٻہ ڏينهن اڳ حب پمپنگ اسٽيشن تي انڊر گرائونڊ ڪيبل ڦاٽڻ سبب پمپنگ اسٽيشن جي بجلي بند ٿي ويئي هئي جنهن سبب شهر جي مختلف علائقن ۾ پاڻي جي فراهمي متاثر ٿي ھئي پر هاڻي صورتحال بهتر ٿيڻ شروع ٿي ويئي آهي اختيارن جو وڌيڪ چوڻ هو تہ واٽر ڪارپوريشن انتظاميا شهر ۾ پاڻي جي فراهمي کي بهتر بڻائڻ لاءِ ڀرپور قدم کڻي رهي آهي ۽ ان سلسلي ۾ واٽر ڪارپوريشن جا آفيسر ۽ ملازم ڏينهن رات محنت ڪري رهيا آهن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو