نيويارڪ (ويب ڊيسڪ)گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس چيو آهي ته پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ ڇڪتاڻ تاريخ جي بلند ترين سطح تي آهي. دنيا ۾ امن جي قيام لاءِ پاڪستان ۽ هندستان جي عوام جو شڪرگذار آهي. ميڊيا بريفنگ دوران، بين الاقوامي تنظيم جي سربراهه چيو ته ٻنهي ملڪن ۾ جنگ جهڙي صورتحال منهنجي لاءِ تڪليف جو سبب آهي. مان پهلگام حملي جي مذمت ڪريان ٿو ۽ متاثر خاندانن سان تعزيت پيش ڪريان ٿو. انتونيو گوتريس چيو ته عام ماڻهن کي نشانو بڻائڻ ناقابل قبول آهي، پهلگام حملي جي مذمت ڪندي هن حملي آورن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ جو مطالبو ڪيو. ٻئي ملڪ هنن حالتن ۾، ٽڪراءَ کان پاسو ڪن، جيڪي جنگ جو سبب بڻجي سگهن ٿيون. هن چيو ته هڪ اهڙي فوجي ٽڪراءُ کان پاسو ڪيو وڃي جيڪو قابو کان ٻاهر نڪرڻ جو خطرو رکي ٿو، اهو وقت آهي ته پاڻ کي روڪيو وڃي ۽ جنگ جي ڪناري کان واپس اچون.انتونيو گوتريس چيو ته هن ٻنهي ملڪن کي پيغام ڏنو آهي ته ڪنهن به مسئلي جو فوجي حل ناهي. مان ٻنهي ملڪن ۾ امن قائم ڪرڻ لاءِ ثالٽي لاءِ به تيار آهيان. گڏيل قومون ڪنهن به ڪوشش جي حمايت ۽ مدد ڪرڻ لاءِ تيار آهن، جيڪا تڪرار کي ختم ڪري سگهن. ٻئي پاسي هن پاڪستان جي وزيراعظم شهباز شريف سان فون تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي. شهباز شريف ڇڪتاڻ گهٽائڻ ۽ ثالثي وارين ڪوششن کي ساراهيندي سندس مثبت ڪردار ادا ڪرڻ تي ٿورو مڄيو. ذريعن جو چوڻ آهي ته هو امڪان آهي ته ڀارتي وزيراعظم نريندرا مودي سان به ڳالهه ٻوله ڪندو ۽ ٻنهي جي رضامندي ۽ آڇ بعد هو ڪوششون ڪندو ۽ ٻنهي ملڪن جو دورو به ڪري سگهي ٿو.










