اسلام آباد(بيورو رپورٽ)پاڪ بحريه جي 3 ڪموڊورز کي ريئر ايڊمرل جي عهدي تي ترقي ڏني وئي آهي.پاڪ بحريه جي ترجمان موجب ترقيون حاصل ڪندڙن ۾ ريئر ايڊمرل مظهر محمود ملڪ، ريئر ايڊمرل شهزاد حامد ۽ ريئر ايڊمرل اظهر محمود شامل آهن.ريئر ايڊمرل مظهر محمود ملڪ 1992ع ۾ پاڪستان نيوي جي مئرين انجنيئرنگ برانچ ۾ ڪميشن حاصل ڪئي جڏهن ته ريئر ايڊمرل شهزاد حامد ۽ ريئر ايڊمرل اظهر محمود 1993ع ۾ آپريشنز برانچ ۾ ڪميشن حاصل ڪئي.پاڪ بحريه جي ترجمان موجب ترقي يافته 3 آفيسر پاڪستان نيوي وار ڪاليج لاهور ۽ نيشنل ڊفينس يونيورسٽي اسلام آباد جا گريجوئيٽ آهن.ترجمان چيو ته آفيسرن پاڪستان نيوي ۾ ڪمانڊ اينڊ اسٽاف جون ڪيتريون ئي اهم ذميواريون سرانجام ڏنيون آهن.










