پاڪ فوج ۾ ترقيون، ڊي جي آءِ ايس پي آر جي ليفٽيننٽ جنرل واري عهدي تي ترقي

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ)پاڪ فوج جي ٽن ميجر جنرلن کي ليفٽيننٽ جنرلز جي عهدن تي ترقي ڏني وئي آهي.ڊي جي آءِ ايس پي آر ميجر جنرل احمد شريف چوڌري، ميجر جنرل عمر محمود بخاري ۽ ميجر جنرل عنايت حسين کي ليفٽيننٽ جي عهدن تي ترقي ڏني وئي آهي.آرمي چيف جنرل عاصم منير به ترقي يافته ٽن اسٽار جنرلن کي مقرر ڪيو.ليفٽيننٽ جنرل عمر بخاري کي ڪمانڊر 11 ڪور (پشاور)، ليفٽيننٽ جنرل عنايت کي چيف آف لاجسٽڪ سروسز (جي ايڇ ڪيو) ۽ ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف هن وقت ڊي جي آءِ ايس پي آر طور پنهنجا فرض سرانجام ڏيندو رهندو.84 ڊگري ڪورس ۾ عمر محمود بخاري اعزازي تلوار ۽ هنزه جي عنايت حسين صدارتي گولڊ ميڊل کٽيو.ٻئي ٽي اسٽار ترقي يافته آفيسر جي ايڇ ڪيو ۾ وائيس چيف آف جنرل اسٽاف (جي ايڇ ڪيو) طور خدمتون سرانجام ڏئي رهيا هئا.ڊي جي آءِ ايس پي آر احمد شريف چوڌري کي ليفٽيننٽ جنرل جي عهدي تي ترقي ڏني وئي آهي ۽ هو ان ئي اهم عهدي تي رهندو،جڏهن ته آءِ ايس پي آر ان حوالي سان ڪو به بيان جاري ناهي ڪيو.

پهنجو تبصرو موڪليو