پاڪ فوج جون قربانيون عالمي امن لاءِ آهن: جين ميريٽ

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)برطانوي هاءِ ڪمشنر جين ميريٽ چيو آهي ته پاڪ فوج جون قربانيون دنيا جي امن لاءِ آهن، پاڪ فوج پاڪستان جي سلامتي لاءِ جانين جي نذراني جي قيمت ادا ڪري رهي آهي.جين ميريٽ چيو ته طالبان، حقاني گروپ ۽ ٻين تنظيمن تي ڪنٽرول ٿيڻ گهرجي. جيڪڏهن افغانستان ۾ دهشتگردن کي نه روڪيو ويو ته نه رڳو پاڪستان پر پوري دنيا لاءِ خطرو آهي.برطانوي هاءِ ڪمشنر چيو ته پاڪستان دهشتگردي خلاف جنگ ۾ اسان جو اهم اتحادي ۽ فرنٽ لائن ملڪ آهي.جين ميريٽ چيو ته دنيا جون نظرون اڃا تائين افغانستان جي مسئلي ۽ صورتحال تي آهن. پاڪستاني تعميراتي ڪمپنيون يوڪرين جي بحاليءَ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿيون، پاڪستان تعميراتي ڪمپنين جي ڪردار جي حمايت ڪندو، يوڪرين جي بحاليءَ لاءِ پاڪستان ۾ مهارت رکندڙ افرادي قوت اتي ڪم ڪري سگهي ٿي.

پهنجو تبصرو موڪليو