پاڪستان ۾ ٿيل دهشتگردي جي واقعن پٺيان ڀارت جو هٿ آهي

پاڪستان ۾ ٿيل دهشتگردي جي واقعن پٺيان ڀارت جو هٿ آهي

لاهور: (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف جي سياسي معاملن واري صلاحڪار سينيٽر راڻا ثناءُالله چيو آهي ته پاڪستان ۾ ٿيل دهشتگردي جي واقعن پٺيان ڀارت جو هٿ آهي. اسان بلوچستان جي بحران کي هڪ ئي طريقي سان حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري غلطي ڪري رهيا آهيون.عاصمه جهانگير ڪانفرنس کي خطاب ڪندي راڻا ثناءُالله چيو ته امن جي لاءِ سڀني کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو. بلوچستان جو امن ۽ ترقي حڪومت جي اولين ترجيح آهي. بي گناهه ماڻهن کي شهيد ڪندڙن جو انسانيت سان ڪوبه تعلق نه آهي. هن چيو ته بلوچ محب وطن پاڪستاني آهن. جيستائين اها نشاندهي نٿي ٿئي ته بلوچستان جو بحران آهي ڪهڙو تيستائين اهو حل ڪيئن ٿيندو.؟ ماضي ۾ جيڪو ٿي چڪو آهي انهي کي تبديل نٿو ڪري سگهجي هن چيو ته دهشتگردي جي واقعن پٺيان ڀارت آهي هن وقت بلوچستان جا 2 بحران آهن جنهن کي حل ڪرڻ جا ڌار ڌار طريقا آهن اسان غلطي ڪري رهيا آهيون ته ٻنهي بحرانن کي هڪ ئي طريقي سان حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون.راڻا ثناءُالله اهو به چيو ته ٻارن ۽ فيملين کي سڃاڻپ ڪارڊ ڏسي گوليون هنيون وڃن ٿيون ڇا ڪڏهن اوهان ٻڌو آهي ته ڪنهن چيو هجي ته اهو سڀ ڪجهه بلوچستان جا ماڻهو ڪري رهيا آهن. اسان چئون ٿا ته اهي دهشتگرد آهن جيڪي پاڪستان ۾ امن نٿا چاهين. فيصل آباد ۾ بلوچستان جا ماڻهو اربين روپين جو ڪاروبار ڪري رهيا آهن ڪابه هڪ مثال ڏئي ڇڏيو ته ڪنهن پنجاب ۾ بلوچ کي گهٽ وڌ ڳالهايو هجي.هن وڌيڪ چيو ته جعفر ايڪسپريس واقعي جي پٺيان ڀارتي ميڊيا تي جشن جهڙو ماحول هو جيڪڏهن انهن ماڻهن کي نجات ڏيندڙ چيو ويندو آهي ته اسان کي ڏک پهچي ٿو. جبري گمشدگين جي حوالي سان ڳالهيون ڪندي راڻا ثناءُالله چيو ته منهنجو خيال آهي ته جبري گمشدگيون ۽ تشدد جي تاريخ ملندڙ جلندڙ آهي اهي ٻئي مسئلا شروع به گڏ ٿيا ۽ ختم به گڏ ئي ٿيندا. هن چيو ته دهشتگردي ختم ٿيندي ته اهي شيون به ختم ٿينديون. اها بنيان مرصوص جي سوڀ آهي جنهن تي ڀارت بوکلاهٽ جو شڪار آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو