معاشي ترقي لاءِ ڊالر ضروري آهي: محمد اورنگزيب

معاشي ترقي لاءِ ڊالر ضروري آهي: محمد اورنگزيب

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب چيو آهي ته پاڪستان ۾ معاشي ترقي لاءِ ڊالرن جو هجڻ ضروري آهي، جيڪڏهن ڊالر آهن ته باقي دنيا مان شيون خريد ڪري پاڪستان آندو وڃي ۽ خرچ ڪيو وڃي. جيڪڏهن ڊالر ختم ٿيو ته ترقي رڪجي ويندي ۽ پوءِ آءِ ايم ايف کان مدد گهرڻو پوندو.پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج جي دوري جي موقعي تي ڳالهائيندي ناڻي واري وفاقي وزير چيو ته حڪومت آءِ ايم ايف سان هلندڙ مالي سال جي آخر تائين نئون معاهدو ڪرڻ چاهي ٿي.هن چيو ته آءِ ايم ايف جي ميڊيا ڊائريڪٽر به نئين پروگرام تي ڳالهه ٻولهه لاءِ رضامندي ظاهر ڪئي آهي پر سوال اهو آهي ته نئين معاهدي کانپوءِ ڇا ٿيندو؟ محمد اورنگزيب برآمدات ۾ واڌ کي مسئلي جو حل قرار ڏيندي چيو ته برآمدات وڌائڻ سان اهو مسئلو حل ٿي سگهي ٿو، حڪومت جي ذميواري آهي ته هو برآمدات کي وڌائڻ لاءِ ماحول فراهم ڪري، ان لاءِ ڪو به آن آف سوئچ ناهي. بلڪه، اهو صرف مشاورت سان ڪيل صحيح فيصلن سان ٿي سگهي ٿو.

پهنجو تبصرو موڪليو