پاڪستان ۾ سياسي عهدي جي اميدوارن تي ڪائي پوزيشن نٿا رکون

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي سفير جي پي ٽي آئي چيئرمين سان جيل ۾ ملاقات تي آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان چيو آهي ته پاڪستان يا ڪنهن ٻئي ملڪ ۾ سياسي عهدي جي اميدوارن تي ڪائي پوزيشن نٿا رکون ترجمان ميٿيو ملر هڪ بيان ۾ چيو ته آمريڪي ويسا جي منتظر افغان شهرين جي حفاظت بابت حڪومت پاڪستان سان ويجهي ۽ مستقبل رابطي ۾ آهيون ترجمان چيو ته آمرڪي سفير طرفان پاڪستان لاءِ 4 نوان پروگرام شروع ڪرڻ جي اعلان جي حمايت ڪئي وئي آهي جنهن مان هڪ ۾ بلوچستان پوليس جي سپورٽ ۽ تربيت ڪئي ويندي.

پهنجو تبصرو موڪليو