پاڪستان ۽ ڀارت پاران نوان ناظم الامور مقرر ڪرڻ جو فيصلو

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پاڪستان ۽ ڀارت نئين دهلي ۽ اسلام آباد جا ناظم الامور مٽائڻ جو فيصلو ڪيو آهي.پرڏيهي وزارت جي ذريعن جو چوڻ آهي ته سعد وڙائچ ڀارت جو نئين دهلي ۾ پاڪستان جو نئون انچارج هوندو.ذريعن جو چوڻ آهي ته ڀارتي معاملن جي ڪوآرڊينيٽر سريش ڪمار جي جاءِ تي گيتا سريواستو اسلام آباد ايندي، جڏهن ته اعزاز احمد خان نئين دهلي ۾ معاملن جي ڪوآرڊينيٽر جو عهدو سنڀاليندو.ذريعن موجب ٻنهي ملڪن لاڳاپيل سفارتڪارن کي ويزا جاري ڪري ڇڏيا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو