اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان قدرتي آفتن کي منهن ڏيڻ لاءِ عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) کي پنهنجو پلان ٻڌائي ڇڏيو. آءِ ايم ايف موجب پاڪستان ڪيترين ئي قدرتي آفتن جي خطرن کي منهن ڏئي رهيو آهي ۽ ان چئلينج کي منهن ڏيڻ لاءِ پاڪستان حڪومت هڪ ايڪشن پلان تي ڪم ڪري رهي آهي. آءِ ايم ايف اختيارين جو چوڻ آهي ته پاڪستان موسمياتي تبديلي، زراعت ۽ فوڊ سيڪيورٽي تي 30 ارب رپيا خرچ ڪندو، پلان تحت گڏيل قومن جي ماحولياتي پروگرام مان پاڪستان مدد وٺندو. آءِ ايم ايف موجب پلان تحت پاڪستان قدرتي آفتن جي امڪاني شڪار ڪمزور شعبن کي تحفظ فراهم ڪندو.
