پرڏيهين جي بي دخلي بجاءِ رجسٽريشن ميڪنيزم ٺاهيو

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)گڏيل قومن جي پناهگيرن واري اداري پاڪستان کان مطالبو ڪيو آهي ته غير قانوني افغانين کي ملڪ بدر ڪرڻ بدران انهن جي رجسٽريشن لاءِ هڪ جامع ميڪنزم ٺاهي.گڏيل قومن جي پناهگيرن واري اداري جي ترجمان قيصر خان آفريدي چيو آهي ته افغانين جي واپسي جا سنگين نتيجا ٿي سگهن ٿا ۽ انهن جي زندگين کي به خطرو ٿي سگهي ٿو. افغانستان جي صورتحال تي 8 ملڪن ۽ يورپي يونين به گڏيل پڌرائي ۾ چيو آهي ته غير دستاويزي افغانين جي رجسٽريشن جو نظام ٺاهيو وڃي ۽ تحفظ حاصل ڪندڙ افغانين جي تحفظ کي يقيني بڻايو وڃي. ان حوالي سان آمريڪي پرڏيهي کاتي جو چوڻ آهي ته پاڪستان ۽ ٻيا ملڪ افغان پناهگيرن بابت پنهنجون ذميواريون پوريون ڪن، افغانستان جا پاڙيسري ملڪ تحفظ حاصل ڪندڙ افغانين جي داخلا جي اجازت ڏين.

پهنجو تبصرو موڪليو