پاڪستان پاران افغانستان لاءِ فضا ۽ زمين استعمال ڪرڻ جي اجازت

واشنگٽن(ويب ڊيسڪ)پينٽاگون عملدارن دعويٰ ڪئي آهي ته پاڪستان امريڪي فوجن جي افغانستان ۾ موجودگي برقرار رکڻ لاءِ فضائي حدن ۽ زميني استعمال جي اجازت ڏني آهي. اها دعويٰ اتر-پئسفڪ معاملن بابت يو ايس جي ڊپٽي سيڪريٽري دفاع ڊيوڊ ايف هالووي گذريل هفتي آمريڪي آرمڊ سروسز ڪميٽي کي هڪ بريفنگ ۾ ڪندي ڪئي هئي . رپورٽ موجب ڊيوڊ هالووي چيو آهي ته آمريڪا پاڪستان سان ڳالهين جاري رکندو ڇو ته افغانستان ۾ امن لاءِ پاڪستان جو ڪردار تمام اهم آهي. ڊيوڊ هالووي چيو ته پاڪستان افغانستان ۾ آمريڪي موجودگي جي مدد لاءِ پاڪستان مٿان پروازن ۽ زميني استعمال جي اجازت پڻ ڏني آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو