پاڪستان قدرتي وسيلن سان مالا مال ملڪ آهي: شرجيل ميمڻ

پاڪستان قدرتي وسيلن سان مالا مال ملڪ آهي: شرجيل ميمڻ

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) سنڌ جي وزيرِ اطلاعات شرجيل انعام ميمن نيشنل پريس ڪلب اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته پاڪستان پيپلز پارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جهڙي بريفنگ ايوانِ صدر ۾ ڏني، اهڙي ئي بريفنگ ٻاهرين ملڪن لاءِ پڻ ٿيڻ گهرجي، جيئن دنيا کي ٻڌائي سگهجي ته پاڪستان قدرتي وسيلن سان مالا مال ملڪ آهي، جنهن کي الله تعاليٰ بي پناهه نعمتن سان نوازيو آهي.شرجيل ميمن چيو ته بلاول ڀٽو زرداري جي بريفنگ دوران ڪجهه ماڻهن تنقيد ڪئي، پر گهڻن ماڻهن ان قدم کي ساراهيو ۽ مثبت رايا ڏنا. شرجيل ميمن چيو ته ايوانِ صدر سڀني جو آهي، ۽ اتي مختلف ادارن جون تقريبون اڳ به باقاعدگي سان ٿينديون رهيون آهن، ان لاءِ رانا ثناءُ الله طرفان ڪيل تنقيد مناسب نه آهي. پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو اهڙو ايونٽ ٿيو، جنهن ۾ سفارتڪارن سان گڏ ڪاروباري ڪميونٽي جو به وڏو تعداد شامل هو.وزيرِ اطلاعات شرجيل ميمن چیو خيبر پختونخوا جي وڏي وزير کي سنڌ آمد تي ڀليڪار ڪیو کين ڪنهن به ڪم کان روڪيو نه ويو، ۽ آئيني عهدي مطابق عزت ڏني وئي، البتہ ڪجهه سيڪيورٽي خدشا هئا، جن تي عمل ڪرڻ ضروري هو. هي ملڪ اسان سڀني جو گڏيل ملڪ آهي، اچو ته هڪ ٻئي تي تنقيد بدران مثبت شين کي اجاگر ڪريون. شرجيل ميمن چيو ته پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ جو بهترين مثال سنڌ حڪومت آهي. پاڪستانين جي خوراڪ جا صحت تي گهرا اثر پون ٿا، ان ڪري سنڌ حڪومت 29 لک ماڻهن جو مفت علاج ڪيو آهي.بلاول ڀٽو زرداري ايوانِ صدر ۾ بريفنگ دوران ٻڌايو ته سڄي ملڪ مان ماڻهو سنڌ ۾ علاج لاءِ اچي رهيا آهن، جڏهن ته سنڌ جي اسپتالن ۾ علاج لاءِ ڊوميسائل جي ڪا شرط ناهي. ٿر ڪول منصوبي تي هڪ ارب ڊالر کان وڌيڪ خرچ ٿي چڪا آهن، ملڪ جا سڀ کان وڏا ڪوئلي جا ذخيرا ٿرپارڪر ۾ آهن، ۽ ٿرپارڪر مان پيدا ٿيندڙ بجلي قومي گرڊ ۾ شامل ٿي رهي آهي. سنڌ حڪومت جا اهي سمورا منصوبا ڪنهن هڪ شخص لاءِ نه، پر سڄي پاڪستان جي فائدي لاءِ آهن. پيپلز پارٽي هميشه صحافين لاءِ ڀرپور ڪوششون ڪيون آهن، جنهن جو ثبوت سنڌ ۾ موجود پريس ڪلب آهن. صحافين ۽ سندن تنظيمن سان پيپلز پارٽي جا لاڳاپا هميشه بهتر رهيا آهن، ۽ جرنلسٽ پروٽيڪشن بل به سڀ کان پهرين سنڌ حڪومت منظور ڪيو.شرجيل ميمن چيو ته اسلام آباد پريس ڪلب سميت مختلف ادارن جون درخواستون مليون آهن، نيشنل پريس ڪلب لاءِ به سنڌ حڪومت طرفان سهولتون فراهم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي. سڄي پاڪستان جي صحافين کي سنڌ حڪومت جي تيار ڪيل منصوبن جا دورا ڪرايا ويندا. ٻه ڏينهن اڳ بلاول ڀٽو زرداري ايوانِ صدر ۾ بريفنگ ڏني هئي، جنهن جو مقصد ملڪ جو مثبت چهرو دنيا آڏو پيش ڪرڻ هو.شرجيل ميمن چيو ته بلاول ڀٽو زرداري سائبر نائيف بابت جيڪا ڳالهه ڪئي آهي، اها سهولت دنيا جي يارهن ملڪن ۾ موجود آهي، جڏهن ته پاڪستان ۾ هي علاج سنڌ حڪومت طرفان مفت فراهم ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته پوري دنيا کي خبر هئڻ گهرجي ته پاڪستان به اهڙيون جديد طبي سهولتون مهيا ڪري رهيو آهي. شرجيل ميمن چيو ته بلاول ڀٽو زرداري ٻوڏ دوران واعدو ڪيو هو ته بي گهر ماڻهن کي گهر ڏئي ڏيکاريندو، ۽ هاڻي سنڌ حڪومت 21 لک گهر تعمير ڪرڻ وڃي رهي آهي، جن مان ڪروڙين ماڻهو بغير قيمت جي فائدو حاصل ڪندا.

پهنجو تبصرو موڪليو