اسلام آباد (بيورو رپورٽ)پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهرا بلوچ چيو آهي ته پاڪستان غزه ۾ جنگبندي جو بي صبري سان انتظار ڪري رهيو آهي ته جيئن انساني امداد غزه تائين پهچي سگهي.اسلام آباد ۾ هفتيوار بريفنگ دوران پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهرا بلوچ چيو ته اسان سمجهون ٿا ته امن ڳالهين ذريعي ئي ممڪن آهي، غزه ۾ 6 هزار کان وڌيڪ ٻارڙا شهيد ٿيا، جيڪي غزه جي آبادي جو 40 سيڪڙو آهن.هن چيو ته هن هفتي ٻارن جو عالمي ڏينهن ملهايو پيو وڃي، غزه ٻارن لاءِ سڀ کان ڏکيو علائقو بڻجي ويو آهي.ترجمان چيو ته پاڪستان هن هفتي ڊينمارڪ، فنلينڊ ۽ سويڊن سان سياسي مشاورت ڪري رهيو آهي.ممتاز زهرا بلوچ چيو ته ڊينمارڪ سان سياسي مشاورت 21 نومبر تي ٿي هئي، سويڊن سان سياسي مشاورت اڄ ٿي رهي آهي جڏهن ته فنلينڊ سان به مشاورت سڀاڻي ٿيندي.ترجمان جو چوڻ آهي ته نگران وزيراعظم پهرين ۽ 2 ڊسمبر تي گڏيل عرب امارات ۾ ٿيندڙ سي او پي 28 ۾ شرڪت ڪندو ۽ موسمياتي تبديلي تي پاڪستاني نقطه نظر پيش ڪندو.ممتاز زهرا بلوچ وڌيڪ چيو ته والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي هٿياربند فوج جي مقرري ٻارن لاءِ سخت صدمو آهي.ترجمان چيو ته ان ڳالهه جي تصديق ڪرڻ لاءِ پاڪستان برڪس ۾ شموليت لاءِ باضابطه درخواست ڏني آهي، پاڪستان اهو فيصلو جوهانسبرگ ۾ برڪس بابت اڳڀرائي جو جائزو وٺڻ کانپوءِ ڪيو، اميد آهي ته برڪس اسان جي درخواست تي عمل ڪيو ويندو.










