اسلام آباد (بيورو رپورٽ)عالمي تنظيم فريڊم نيٽ ورڪ پنهنجي خاص رپورٽ ۾ پاڪستان کي قانون سازي باوجود صحافين خلاف ڏوهه روڪڻ ۾ ناڪام قرار ڏئي ڇڏيو. فريڊم نيٽ ورڪ جاري ڪيل پنهنجي رپورٽ ۾ چيو ته پاڪستان صحافين جي تحفظ بابت قانون سازي ڪندڙ اڪيلو ملڪ آهي، ان باوجود پاڪستاني رياست صحافين خلاف ڏوهه روڪڻ لاءِ ان قانون سازي کي استعمال ڪرڻ ۾ ناڪام رهي آهي. رپورٽ موجب گذريل ٻن سالن ۾ پاڪستان ۾ صحافين جا اغوا، تشدد، بغاوت جي غير ثابت ٿيل الزامن ۾ خطرناڪ حد تائين واڌ ٿي آهي. عالمي تنظيم رپورٽ ۾ وڌيڪ چيو ته پاڪستان ۾ صحافين خلاف ڏوهن جا سڀ کان وڌيڪ واقعا اسلام آباد ۽ سنڌ ۾ پيش آيا آهن.
