اسلام آباد (بيورو رپورٽ)ريلوي واري وفاقي وزير حنيف عباسي جو چوڻ آهي ته پاڪستان 5 ملڪن کي ريلوي ويگن ۽ ڪوچ برآمد ڪرڻ وارو آهي. حنيف عباسي چيو ته پاڪستان ريلوي ڊسمبر ۾ 10 ارب رپين جي آمدني ڪمائي، جيڪا هڪ رڪارڊ آهي. اسان مسافرن کي رڪارڊ آمدني ڪمائڻ لاءِ سهولتون فراهم ڪيون آهن.هن چيو ته اسان مال بردار ٽرينن ۾ ڀائيوار شامل ڪيا آهن. اڄ مال بردار ٽرينن ذريعي ڪنٽينر، ڪوئلو يا فاسفيٽ فراهم ڪيا پيا وڃن.










