اسلام آباد(بيورو رپورٽ)مهانگائي پاڪستان جي لڳ ڀڳ اڌ آبادي لاءِ هڪ وڏي پريشاني بڻجي وئي آهي.اپسس پاڪستان عوامي راءِ تي ٻڌل هڪ نئون سروي جاري ڪيو آهي، جنهن موجب بيروزگاري ۽ غربت کي ملڪ جا بنيادي مسئلا قرار ڏيڻ وارن جو انگ به وڌي ويو آهي.گذريل سروي ۾ 40 سيڪڙو ماڻهن جو چوڻ هو ته مهانگائي بنيادي مسئلو هئي پر هاڻي اهو انگ 49 سيڪڙو تائين پهچي ويو آهي.سروي رپورٽ موجب بيروزگاري تي ڳڻتي جو اظهار ڪندڙ پاڪستانين جو سيڪڙو 11 سيڪڙو مان وڌي 18 سيڪڙو ٿي ويو آهي، جڏهن ته پاڪستانين جو سيڪڙو جو چوڻ آهي ته بجلي جي اگهن ۾ اضافو وڏو مسئلو آهي 3 سيڪڙو کان گهٽجي 4 سيڪڙو ٿي ويو آهي.










