ڪراچي(ويب ڊيسڪ) نيوزيلينڊ ٻن وڪيٽن تان شڪست ڏئي سيريز کٽي ورتي. گلين فلپسس 4 ڇڪن ۽ 4 چوڪن جي مدد سان 42 بالن تي 63 ناٽ آئوٽ ٺاهي پنهنجي ٽيم کي ميچ کٽائي ورتي. ڊيون ڪانوي ۽ ڪين وليم سن به ففٽيون اسڪور ڪيون. سيريز جي فيصلائتي ميچ اڻونجاهين اوور جي پهرين بال تي ختم ٿي. ان کان اڳ وسيم جونيئر ۽ آغا سلمان 2، 2 وڪيٽون ورتيون جڏهن ته نواز ۽ اسامه مير هڪ هڪ وڪيٽ ورتي. اسامه 61 ۽ نواز 53 رنز ڏنيون. پاڪستان ٽاس کٽي اڳ ۾ بيٽنگ جو فيصلو ڪيو. پاڪستان 9 وڪيٽن جي نقصان تي 280 اسڪور ڪيو ۽ مهان ٽيم کي 281 جو ٽارگيٽ ڏنو. پاڪستاني ٽيم کي ابتدا ۾ 2 جي مجموعي اسڪور تي ان وقت نقصان ٿيو جڏهن شان مسعود زيرو تي ڪيچ آئوٽ ٿيو. امپائر آئوٽ نه ڏنو پر رويو ۾ بال سندس بيٽ جي مٿانهين حصي کي ڇهندو ڪيپر وٽ ويو. 21 جي اسڪور تي ڪپتان بابر اعظم به پويلين موٽيو، هن 13 بال کيڏيا رڳو هڪ چوڪو هڻي سگهيو. جنهن بعد رضوان ۽ فخرالزمان ٽيم کي سهارو ڏنو. محمد رضوان 74 بالن تي 6 چوڪن جي مدد سان 76 رنز ٺاهي بولڊ ٿيو. جنهن بعد فخر 101 رنز تي رن آئوٽ ٿيو هن هڪ ڇڪي ۽ 10 چوڪن جي مدد سان اهو اسڪور ڪيو. رضوان 175 جي مجموعي اسڪور ۽ 191 تي فخر آئوٽ ٿيا. هن جڏهن سينچري مڪمل ڪئي ته ان وقت فيلڊر جو ٿرو هن جي کڙي ۾ لڳو جنهن سبب هو منڊڪائي رهيو هو ۽ جلدي رن آئوٽ ٿي ويو. جنهن بعد حارث سهيل ۽ سلمان آغا پاڪستان جو اسڪور ڊبل سينچري کان پار ڪرايو. اننگ جو ٻيو ڇڪو سلمان لڳايو پهريون فخر هنيو هو. 225 جي مجموعي اسڪور تي نيوزيلينڊ جو پنجون شڪار حارث سهيل بڻيو، جنهن 25 بالن تي هڪ چوڪي جي مدد سان 22 رنز ٺاهي رن آئوٽ ٿيو. جنهن بعد سلمان جو ساٿ ڏيڻ محمد نواز آيو ته 43 اوورز جي راند ٿي چڪي هئي. نواز 9 بالن تي 8 رنسون ٺاهي بولڊ ٿيو هن ٽم سائوٿي کي هڪ ڇڪو هنيو پر اڳئين بال تي کيس آئوٽ ڪيو. جنهن بعد اسامه مير آيو ۽ هن به سائوٿي کي ڇڪو هنيو پر ٻئي بال تي هو به ڪيچ ٿيو. جنهن بعد وسيم جونيئر آيو. ان دوران سلمان آغا تمام بهترين راند ڪندي زبردست شاٽس کيڏيا 49هين اوور ۾ هن سائوٿي کي بيڪ ٽو بيڪ 2 شاندار چوڪا هنيا ۽ 43 بالن تي 45 رنز اسڪور ڪيچ آئوٽ ٿيو پر هن ٽيم جو اسڪور 270 تائين پهچايو. جنهن بعد آخري حارث رئوف آيو. آخري اوور ۾ حارث رئوف جا ٻه زبردست شاٽ لڳا پر بائونڊري تي بهترين فيلڊنگ سبب چوڪا نه ٿي سگهيا. جنهن بعد وسيم جونيئر آئوٽ ٿيو ۽ حسنين آيو جنهن کي فرگوسن آخري اوور جو سيڪنڊ لاسٽ بال مس ڪرايو پر ٻئي بال تي چوڪو هڻي پاڪستان جو اسڪور 280 تائين پهچايو ۽ پاڪستان 9 وڪيٽن جي نقصان تي 280 جو اسڪور ڪيو.
