ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) جماعت اسلامي سنڌ جي امير اگوڻي ايم اين اي محمد حسين محنتي چيو آهي ته پاڪستان جو قيام الله جو انعام آهي جيڪواسلام ۽ نظريه پاڪستان جي نالي تي قائم ٿيو، پاڪستان دنيا جو واحد ملڪ آهي جيڪو مديني جي اسلامي رياست کان بعد ٻي اسلامي رياست آهي جيڪو وڏي جدوجهد کان پوءِ اسلام جي نالي تي قائم ٿيو، تحريڪ پاڪستان دوران ماڻهو اسلام جي نالي تي مرڻ لاءِ تيار هئا، وطن عزيز جي نظرياتي ۽ جاگرافيائي سرحدن جي حفاظت توڙي اسلامي نظام جي نفاذ لاءِ جدوجهد ڪري قائد اعظم جي خوابن جي تعبير ڪرڻ اسان مٿان فرض آهي۔ صوبائي امير پاڪستان جي 76هين جشن آزادي جي ڏهاڙي تي پنهنجي جاري ڪيل پيغام ۾ وڌيڪ چيو ته 14 آگسٽ نه فقط پاڪستان بلڪه دنيا جي تاريخ ۾ وڏي اهميت رکي ٿو جنهن ڏينهن تي شهيدن جي قربانين ۽ باني پاڪستان قائد اعظم محمد علي جناح جي ڊگهي جدوجهد کان پوءِ دنيا جي نقشي تي “پاڪستان” جي نالي سان مسلمانن کي الڳ سڃاڻپ ملي، پر بدقسمتي سان پاڪستان ٺهندي ئي اقتدار ۾ ايندڙ حڪمرانن جي اڪثريت غيرن جي غلامي اختيار ڪندي قيام پاڪستان جي حقيقي مقصدن کي پٺي ڏئي نظرياتي سرحدن کي کوکلو ڪرڻ ۾ ڪابه ڪسر ڪونه ڇڏي جنهن جي ڪري اڄ پاڪ وطن معاشي، سياسي ۽ اخلاقي طور پٺتي پئجي ويوآهي،مهانگائي عوام جو جيئڻ جنجال بڻائي ڇڏيو آهي انڪري اڄ14 هين آگسٽ جي ڏهاڙي تي پوري قوم کي اهو عزم ڪرڻ گهرجي ته نه رڳو پاڪستان جي نظرياتي ۽ جاگرافيائي سرحدن جي حفاظت بلڪه قيام پاڪستان جي حقيقي مقصدن کي حاصل ڪرڻ ۽ اسلامي انقلاب لاءِ رت جو آخري ڦڙو وهائڻ تائين جدوجهد جاري رکنداسين.ايندڙ چونڊن پڻ نااهل توڙي حرامخورن بدران مخلص ۽ وطن دوست قيادت کي ڪامياب ڪري اقتدار تائين پهچايون.
