پاڪستان جو فتح 2 گائيڊڊ راڪيٽ سسٽم جو ڪامياب تجربو

راولپنڊي: (ويب ڊيسڪ) پاڪستان فتح 2 گائيڊڊ راڪيٽ سسٽم جو ڪامياب تجربو ڪري ورتو آهي. فتح 2 انتهائي ويجهو کان حدف کي نشانو بنائڻ جي صلاحيت رکي ٿو.آءِ ايس پي آر موجب 400 ڪلو ميٽر جي رينج سان فتح ٽو گائيڊڊ راڪيٽ سسٽم جو ڪامياب تربيتي تجربو ڪيو ويو آهي.فتح ٽو جديد نيوي گيشن سسٽم منفرد رفتار ۽ قابل تدبير خصوصيتن سان ليس آهي فتح 2 ڪنهن به ميزائل ڊفينس سسٽم کي شڪست ڏيڻ جي صلاحيت رکي ٿو.آءِ ايس پي آر موجب فتح ٽو پاڪستان کي جي آرٽلري ڊويزن ۾ شامل ڪيو پيو وڃي. راڪيٽ سسٽم پاڪ فوج جي روايتي هٿيارن جي پهچ کي اپ گريڊ ڪندو.تجربي جو مقصد لان جي مشقن ۽ طريقيڪار کي مڪمل ڪرڻ هو. پاڪ فوج جي ترجمان موجب چيف آف جنرل اسٽاف ۽ هٿياربند فوج جي اعليٰ آفيسرن تجربي جو مشاهدو ڪيو.آءِ ايس پي آر موجب صدر آصف علي زرداري، وزيراعظم شهباز شريف، چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي ۽ ٽنهي هٿياربند فوج جي سربراهن ڪامياب تجربي تي مبارڪباد ڏني آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو