پاڪستان تاريخ جي بدترين معاشي بحران جو شڪار، ايڇ آر ڊبليو

اسلام آباد(رپورٽ اياز مهر) هيومن رائيٽس واچ (HRW) جي تازي عالمي رپورٽ 2024 ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان گذريل سال بدترين معاشي بحران کي منهن ڏنو، ڪيترن ئي عنصرن جي ڪري غربت وڌي وئي ۽ عام ماڻهن جي زندگي زهر ٿي وئي. ”غربت، مهانگائي ۽ بيروزگاري وڌڻ سان، پاڪستان کي تاريخ جي بدترين معاشي بحران کي منهن ڏيڻو پيو، لکين ماڻهن جي صحت، خوراڪ ۽ مناسب معيار جي زندگين جي حقن کي خطري ۾ وجهي ڇڏيو،“ جمعي تي جاري ڪيل رپورٽ ۾ چيو ويو آهي. رپورٽ ۾ اهو به چيو ويو آهي ته 2023 ۾، مقامي ڪرنسي جي قيمت ۾ گهٽتائي، مهانگائي آسمان تي پهتي، ۽ مناسب معاوضي نه ملڻ، بي روزگاري ۾ اضافي، بجلي ۽ تيل جي سبسڊي ختم ڪرڻ “سبب پاڪستان ۾ ڪروڙين ماڻهن جي زندگي عذاب ڪري ڇڏي. گذريل سال دوران، پاڪستان جي مرڪزي بئنڪ جا پرڏيهي مٽا سٽا جا ذخيرا جنوري ۾ 3 بلين ڊالر جي تاريخي گهٽ ترين سطح تي اچي ويا، اها رقم ٽن هفتن کان به گهٽ جي امپورٽ برابر هئي. 2023 جي بدترين ٻوڏ ڀيانڪ صورتحال پيدا ڪئي ۽ 50 لک کان مٿي ماڻهون بي گهر ٿيا.

پهنجو تبصرو موڪليو